al-Ma`arij (المَعَارِج)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 70 • 44 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
70:1 ھڪ سوال ڪندڙ پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو
70:2 ڪافرن تي جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نہ آھي
70:3 جو وڏن مرتبن (ڏيڻ) واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي
70:4 جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيہ آھي، تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن (ڪافرن تي عذاب لاھڻ لاءِ) چڙھندا
70:5 تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر
70:6 ڇو تہ ڪافر اُنھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا
70:7 ۽ (اسين) اُن کي ويجھو ٿا ڏسون
70:8 جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو
70:9 ۽ جبل پڃيل اُن وانگر ٿيندا
70:10 ۽ ڪو ويجھو (مائٽ) ڪنھن ٻئي ويجھي (مائٽ) کان نہ پڇندو
70:11 (توڙي جو) اُھي اُنھن کي ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو تہ جيڪر ان ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا (پيارا) پُٽ بدلو ڏئي
70:12 ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (بہ)
70:13 ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (بہ) جنھن کيس (دنيا ۾) ٽڪايو ٿي
70:14 ۽ اُھو (بہ) جيڪي سڀئي (سامان) زمين ۾ آھي پوءِ سندس اُھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس
70:15 ايئن نہ آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) ھڪ (اُلانبن ھڻڻ واري) باھ آھي
70:16 (مَٿي جي) کَلَ کي ڇڪيندڙ آھي
70:17 جيڪو (الله کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي (اُھا) سڏي ٿي
70:18 ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين
70:19 بيشڪ انسان حرص وارو پيدا ٿيل آھي
70:20 جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (تڏھن) دانھون ڪندو آھي
70:21 ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (تڏھن) ڪنجوس ٿيندو آھي
70:22 پر (اُھي) نمازي (نہ)
70:23 جيڪي پنھنجيءَ نماز تي ھميشگي ڪندا آھن
70:24 ۽ اُھي (بہ) جن جي مالن ۾ (الله جو) حصو مقرر ٿيل آھي
70:25 گھرندڙ ۽ نہ گھرندڙ محتاج لاءِ
70:26 ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن
70:27 ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن
70:28 بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نہ سگھبو
70:29 ۽ اُھي جيڪي پنھنجن اگھڙن جي حفاظت ڪرڻ وارا آھن
70:30 پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ (ٻين لاءِ) جو (اُنھن ڏانھن وڃڻ ۾) اُھي ملامت وارا نہ آھن
70:31 پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن
70:32 ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن
70:33 ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن
70:34 ۽ اُھي جيڪي پنھنجيءَ نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن
70:35 اِھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا
70:36 پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو تو ڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن؟
70:37 سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي
70:38 منجھانئن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
70:39 ايئن نہ آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي، جنھنجي خبر اٿن
70:40 پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو تہ بيشڪ اسين وسوارا آھيون
70:41 ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نہ آھيون
70:42 پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو
70:43 جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ تہ اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا
70:44 (اُن وقت) سندن اکيون جھڪيون ھونديون، انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي، جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو