Quraysh (قُرَيْش)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 106 • 4 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
106:1 قريشن کي اُلفت ڏيارڻ (جي احسان جي شڪر) سببان
106:2 (جو) سياري ۽ اونھاري جي سفر ۾ کين اُلفت ڏيارڻ آھي
106:3 تنھنڪري گھرجين تہ ھِن گھر جي (اُنھيءَ) مالڪ جي عبادت ڪن
106:4 جنھن کين بُک ۾ کاڌو کاريايو ۽ کين ڀئوَ کان امن ڏنو